راسُ السرطان

راسُ السرطان: زمين جي اها حالت جڏهن سج خطِ استوا جي اتر ۾ خطِ سرطان ۾ چمڪندو آهي. هي 21 جون جي ڪيفيت هوندي آهي ۽ سج اتر قطب طرف جهڪيل هوندو آهي ۽ ڏکڻ قطب کان اڌ هٽيل هوندو آهي. ڏکڻ حصي ۾ سيءَ جي موسم هوندي آهي ۽ اتر اڌ ۾ گرمين جي موسم هوندي آهي. خطِ استوا تي ڏينهن رات برابر هوندا آهن. اتر اڌ طرف ڏينهن وڏا ۽ راتيون ننڍيون هونديون آهن. اتر قطب 24 ڪلاڪ روشني ۾ رهندو آهي. انهيءَ ڪري اتي لڳاتار ڏينهن رهندو آهي. اڌ ڏکڻ طرف جي صورتحال مختلف هوندي آهي. هتي سيءَ جي موسم هوندي آهي، راتيون ڊگهيون ۽ ڏينهن ننڍا هوندا آهن. ڏکڻ قطب مسلسل اونداهيءَ ۾ هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو